درياهه پير

درياهه پير (ماڳ): هيءُ ماڳ ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. چيو وڃي ٿو ته هتي هڪ قديم قبرستان هو، جڏهن ٻيٽ تي لهبو آهي ته پير اڌ فوٽ ڳچي وڃي ٿو. قديم زماني جو ٺڪراٺو پري پري تائين پکڙيل نظر اچي ٿو. هتان سون ۽ چاندي جا سڪا به ملن ٿا. چوکنڊي جهڙيون قبرون به زبون حاليءَ ۾ موجود آهن. هتي جو ٺڪراٺو جاکي بندر جهڙو آهي. هي ٻيٽدرياهه پير‘ نالي مشهور آهي، جتي مهاڻن جو ميلو به لڳندو آهي، درياهه پير جي قبر هڪ وڏي دڙي وانگر آهي، ان قبر جي چوڌاري ننڍڙا پينگها ۽ چادرون پيون آهن. درياهه پير لڌڻ کاريءَ جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي آهي. هن قديم ماڳ جو ڳچ حصو لوڻ کاريءَ جي تري ۾ اچي ويو آهي. درياهه پير ماڳ تي لانچ ذريعي ابراهيم حيدريءَ کان ٽن ڪلاڪن ۾ پهچبو آهي.


لفظ درياهه پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو